عبدالرزاق عبدالسلام ميمڻ

عبدالرزاق عبدالسلام ميمڻ: نامور عالم، تعليمي ماهر، ناول نگار ۽ شاعر عبدالرزاق ولد عبدالسلام ميمڻ جو جنم، 15 سيپٽمبر 1898ع تي صابو گرن محلي، نوشهري فيروز ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم نوشهري فيروز مان حاصل ڪئي. هن فارسيءَ جي تعليم قاضين جي محلي واري مدرسي مان، مئٽرڪ 1916ع ڌاري سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان، بي. اي، ڊي. جي ڪاليج ڪراچيءَ مان، ايم. اي انگريزي ادب ۾ ڪيائين. عبدالرزاق ميمڻ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو. 1923ع ۾ گورنمينٽ ناز هاءِ اسڪول خيرپورميرس جو پرنسپال مقرر ٿيو. جتي 1935ع تائين پرنسپال طور خدمتون سرانجام ڏنائين. 1937ع ۾ ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن (ڊي. پي. آءِ) مقر ٿيو. نامور عالم ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي سندس استاد هو. عبدالرزاق قانون جي ڊگري پڻ پاس ڪئي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ‘ڳڻتي’، ‘جهان آرا’ (ناول)، ‘گلزار’ نظم، ‘مٺڙا ٻول’، ‘نئين جاگرافي سنڌ’، ‘نئين جاگرافي هندستان’، ‘سنڌي ٻولي ۽ عبارت جو جائزو’ قابل ذڪر آهن. ‘جهان آرا’ ناول انٽر ڪلاس جي نصاب تي رکيل آهي. عبدالرزاق ميمڻ کي ذيابطيس جو مرض ٿي پيو هو، جنهن سبب 31 ڊسمبر 1941ع تي وفات ڪيائين. سندس آخري آرامگاهه نوشهري فيروز ۾ آهي. سندس هڪ پٽ ظفر الحق پوليس کاتي ۾ ڊي. آءِ. جي رهي چڪو آهي.


لفظ عبدالرزاق عبدالسلام ميمڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1898.09.15  عيسوي

عبدالرزاق ولد عبدالسلام ميمڻ جو جنم، 15 سيپٽمبر 1898ع تي صابو گرن محلي، نوشهري فيروز ۾ ٿيو.


1941.12.31  عيسوي

عبدالرزاق ميمڻ کي ذيابطيس جو مرض ٿي پيو هو، جنهن سبب 31 ڊسمبر 1941ع تي وفات ڪيائين. سندس آخري آرامگاهه نوشهري فيروز ۾ آهي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

طحاوي رحه امام
عبدالرحمان سنڌي لکنوي
شهنشاهه حسين نقوي علامه
شريف المجاهد پروفيسر
سيد بدرالدجىٰ شاهه راشدي
در محمد نوناري مولانا
عبدالغفور ٺٽوي، مخدوم
امام نسائي
مير حيدرالدين سبزواري
سيد شير شاهه بخاري
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون